ڀارت جيون

ڀارت جيون (رسالو ):هن نالي سان هڪ ماهوار رسالو ڄيٺانند ڀاونداس لعلواڻيءَ، ڀارت جيون ساهتيه منڊل، تلڪ روڊ حيدرآباد مان 1940ع ۾ جاري ڪيو. هي باتصوير ادبي ۽ سياسي رسالو هو. ڀارت جيون ماهوار جو ’آزادي نمبر‘ 46- 1945ع ۾ نڪتو، جنهن جي ڪري ايڊيٽر لعلواڻيءَ کي جيل وڃڻو پيو. ٻاٻا پرنٽنگ پريس تلڪ چاڙهي حيدرآباد ۾ ڇپيو هو.


لفظ ڀارت جيونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو